تل ماڳ

تل ماڳ (Tul): هي پاهڻي دور جو ماڳ اڇڙي ٿر ۾ آهي. هي ماڳ تل سم جي ڀر ۾ هئڻ ڪري تل ڪري سڏجي ٿو. هي ماڳ 270 09' 33" ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 680 24' 09" ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪن تي هڪ ڊرينهن جي لاهيءَ تي آهي. هتي ثقافتي وٿون واري جي تهه تي پکڙيل آهن. ماڳ ڦٽي ويو آهي. لڳي ٿو ته هي ماڳ اڃا اڳتي هلي شايد ماٿريءَ سان ملندو هجي. ملندڙ شين ۾ پٿر جا ٽڪرا ۽ ڪجهه ٺڪراٽو ملي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو